سنڌ ۾ برساتن کانپوءِ سکر ۽ گڊو بئراجن وٽان ڪئنالن جي پاڻي کٽڻت ۾ گهٽتائي

سکر(ن س ) سنڌ ۾ برساتن کانپوءِ سکر ۽ گڊو بئراجن وٽان ڪئنالن جي پاڻي کٽڻت ۾ گهٽتائي، بلوچستان کي 23 سيڪڙو واڌو پاڻي جاري، تفصيل موجب، سنڌ ۾ برساتن جي نئين سلسلي کانپوءِ سکر بئراج ڪنٽرول پاران روهڙي ڪئنال جي وهڪرن ۾ هڪ هزار ايسٽ ۽ ويسٽ خيرپور ڪينالن جي وهڪرن ۾ پنج پنج سو ڪيوسڪ پاڻي وهڪرن جي لاٿ ڪئي وئي آھي.
نارا ڪئنال ۾ بدستور 8300 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آھي.
ساڳي ريت گڊو بيراج وٽان به 30 سيڪڙو کڻت گهٽائي وئي آھي، جڏهن ته بلوچستان کي گڊو بئراج وٽان 23 سيڪڙو اضافي پاڻي ڏنو پيو وڃي، جتان 900 ڪيوسڪ بجاءِ 1430 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي.
تازن پاڻي وهڪرن موجب گڊو بئراج جو مٿانهون وهڪرو 31623 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرا 27003 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا آهن.
سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 30225 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7750 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
سکر بئراج جي گهرج 29700 ڪيوسڪ آهي، پر اُتان کڻت گهٽائي 20475 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي.
ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو 12740 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
پنجاب جي دريائن مان سنڌ ڏانهن تونسه بئراج وٽان 30020 ڪيوسڪ ۽ پنجند وٽان 7482 ڪيوسڪ ڇڏيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو