آئي ايم ايف جو سموريون شرطون مڃڻ لاءِ تيار آهيون:شهباز شريف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو رياست بچائڻ لاءِ سياسي ڪمائي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن.وزيراعظم وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگري لون اسڪيم جو افتتاح ڪيو. ان اسڪيم تحت نوجوانن کي قرض فراهم ڪيو ويندو.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جڏهن خادم اعلیٰ پنجاب ۾ هو ته نوجوانن کي بنا سود قرض ڏنا ۽ نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا.هنن چيو ته هو نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ چاهين ٿا. ماضي ۾ 40 ارب جا قرض ڏنا ويا ۽ وصولي 90 سيڪڙو هئي.هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ 15 ارب رپين جا ليپ ٽاپ نوجوانن کي ڏنا ويا، جڏهن کين ليپ ٽاپ ڏنا ويا ته چيو ويو ته اها سياسي رشوت آهي.زرعي قرضن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته 5 لکن تائين جي قرضن تي ڪو به سود نه ورتو ويندو. نوجوانن کي 5 کان 15 لک تائين جي قرض تي 5 سيڪڙو سود ملندو. 15 لک کان 75 لک تائين قرض تي 7 سيڪڙو سود ادا ڪرڻو پوندو.وزيراعظم چيو ته اسان انتهائي ڏکي مرحلي مان گذري رهيا آهيون، آءِ ايم ايف کي پيغام ڏنو آهي ته اسان پنهنجو پروگرام مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا.هن چيو ته اسان آءِ ايم ايف کي واضع پيغام ڏنو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته 9 هين جائزو بغير ڪنهن دير جي مڪمل ڪيو وڃي.وزيراعظم چيو ته گڏجي پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍينداسين. هن چيو ته تيل جي درآمد تي بچت لاءِ اعلانن کان وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. هڪ صوبائي حڪومت رات 8:30 وڳي دڪان بند ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي، جڏهن ته ٻي صوبائي حڪومت سياسي پوائنٽ اسڪور ڪرڻ لاءِ دير جو حربا استعمال ڪيو.وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي بچائڻو آهي ته سياست کي قربان ڪرڻو پوندو. رياست بچائڻ لاءِ سياسي ڪمائي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.هن چيو ته پاڪستان جي صورتحال جي ذميواري سڀني کي قبول ڪرڻي پوندي. هن حمام ۾ سڀ ننگا آهن، جن ۾ اسان جون ۽ مارشل لا حڪومتون به شامل آهن.شهباز شريف چيو ته اسان 75 سالن ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ان جا نقصان سامهون آهن. هو پاڪستان کي بچائڻ جي ذميواري آخري حد تائين نڀائيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بچائڻ لاءِ جان ڏئي ڇڏيندس، هر قدم کڻندس.سندس چوڻ هو ته قرضن ۾ گهڙڻ جي اجازت ناهي، پاڪستان جي موجوده صورتحال جون ذميوار به مارشل لا حڪومتون آهن. شهباز شريف چيو ته ماضي مان نه سکيو ته نقصان ٿيندو، ماضي مان سبق سکي اڳتي وڌڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو