خديجا کوکرجي ڊي اين اي رپورٽ ۾ ڏاڍائي بعد قتل ثابت، ملزمن جي نشاندهي

ملير( رپورٽ درياخان شر) خديجا کوکر کي زيادتي بعد قتل ۾ ملوث چئن جوابدارن کي جج مظفر علي سولنگي جي  عدالت ۾  پيش ڪيو ويو ۽ ڊي اين اي رپورٽ به جمع ڪرائي وئي. جنھن ۾ نئون انڪشاف ظاھر ٿيو آهي ته جوابدارن  فرحان، شان ، جنيد ، اياز علي جوکيو ۽ ھڪ ٻيو روپوش جوابدار ملوث آھن. معصوم نينگري خديجا کوکر کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جي ڊي اين اي رپورٽ موجب فرحان قتل ڪندڙ ۾ شامل آھي، شان ۽ جنيد سھولتڪار آهن، جڏھن ته زيادتي ڪندڙن ۾ اياز علي جوکيو ۽ ھڪ روپوش ملزم شامل آهن. جنهن جو نالو في الحال ظاھر نه ٿو ڪري سگھجي. ھن ڪيس جي وڪيل محمد خان شيخ چيو ته اڃا  هڪڙو  ٻيو  به ملزم  آھي جيڪو  هن معصوم  سان  زنا  ۽ قتل ۾  ملوث  آھي. عدالت طرفان پوليس  کي  حڪم جاري ڪيو ويو آھي ته فرار جوابدار  کي 11 مئي تائين هر  صورت گرفتار ڪري پوء  فائنل چالان پيش  ڪيو وڃي. مان  اڄ  وري  به  سنڌ  جي  پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ  جي  باصلاحيت  ۽ ايماندار  آفيسرن عبدالقدير ميمڻ کي  جس  ڏيندس جيڪو اهڙي  قسم  جي  ڪيسن  کي  پوليس  جي ڏنل  رپورٽن  تي  پنهنجي  ماهرانه ڇنڊ ڇاڻ  ذريعي  ڪيسن  ۾ ڪيل  ڪوتاهين  تي  نظررکي ٿو. واضح رهي ته ٻه مھينا اڳ گگھر ڦاٽڪ لڳ ریلوي ڪالوني ۾ 10 ورهين جي خديجه کوکر کي زيادتي بعد قتل ڪري لاش پاڻي جي ٽئنڪي ۾ اڇلايو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

خديجا کوکرجي ڊي اين اي رپورٽ ۾ ڏاڍائي بعد قتل ثابت، ملزمن جي نشاندهي” هڪ تبصرو

  1. مھرباني ڪري خديجه بتول کي انصاف ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو