جونئر ججن جي مقرري تي اختلاف ڪندڙ تارڙ ٻيهر وزير ٿي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزير اعظم شهباز شريف اربع ڏينهن اڳوڻي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جي استعيفيٰ رد ڪندي کيس ٻيهر قانون وارو وزير مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد هن فوري طور چارج سنڀالي ورتي آهي. هڪ مهينو اڳ سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ جي پنجن ئي هاءِ ڪورٽس مان جونيئر ججن جي مقرري واري معاملي تي اعظم نذير تارڙ استعيفيٰ ڏني هئي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽش جن جونيئر ججن کي مقرر ڪرڻ چاهي پيو جڊيشل ڪائونسل ۾ ووٽنگ دوران مسلم ليگ (ن) جي قيادت انهن کي ووٽ ڏيڻ لاِ تارڙ کي چيو هو. گذريل ڏينهن پارٽي جي سينئر وزيرن هن سان ملاقات ڪري عهدو ٻيهر سنڀالڻ جي درخواست ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو