Daily Sindhyar Daily Sindhyar Karachi |
اميتاڀ بچن جي رونالڊو، ميسي سان ملاقات، ميگا اسٽرز جي ميگا شام https://www.dailysindhyar.com/%d8%a7%d9%85%d9%8a%d8%aa%d8%a7%da%80-%d8%a8%da%86%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d8%b1%d9%88%d9%86%d8%a7%d9%84%da%8a%d9%88%d8%8c-%d9%85%d9%8a%d8%b3%d9%8a-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d9%85%d9%84%d8%a7%d9%82%d8%a7%d8%aa/ |
رياض(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ ميگا اسٽار اميتاڀ بچن سعودي عرب جي شهر رياض ۾ اسٽار فٽبال رانديگرن رونالڊو، ميسي ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، اداڪار به شام کي بهترين شام قرار ڏنو.سعودي عرب جي شهر رياض ۾ ميسي جي پيرس سينٽ جرمين (PSG) )فٽبال ڪلب ۽ رونالڊو اسٽار اليون جي وچ ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ بالي ووڊ جي بگ بي اميتاڀ بچن کي به دعوت ڏني وئي هئي، اداڪار دوستي ميچ جي تقريب ۽ فٽبال اسٽارز سان ملاقات جو ذڪر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ٻڌايو.اميتاڀ بچن ٽوئيٽر تي لکيو ته ”ڪهڙي سٺي شام آهي. رياض ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو، ليونل ميسي، ايمباپي، نيمار سڀ گڏ کيڏي رهيا آهن ۽ مهمان توهان جي دعوت تي کيڏيا آهن.“ واضح رهي ته اها راند رياض جي شاهه فهد انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ ميسي جي پي ايس جي رونالڊو کي شڪست ڏني هئي. اسٽار اليون دلچسپ مقابلي کانپوءِ 4 گولن تان 5 تان هارائي وئي.هن وڌيڪ لکيو ته پي ايس جي ۽ رياض سيزن ناقابل اعتبار آهي. اميتاڀ بچن طرفان ٽوئيٽر تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ کيس خوش ۽ رانديگرن سان هٿ ملائيندي به ڏسي سگهجي ٿو. سوشل ميڊيا تي اميتاڀ بچن جي مداحن کيس مبارڪباد ڏني ۽ لکيو ته هي سندس لاءِ فخر جو لمحو آهي.