گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جو هنگامون، اي ووٽنگ بابت بل واپس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اھم قومي معاملن تي قانون سازي جي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جاري آهي. اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي سربراھي ۾ ٿيل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي 30 نڪاتي ايجنڊا بھ جاري ڪئي وئي آھياسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جيئن ئي بابر اعواڻ کي مائيڪ ڏنو  تھ اپوزيشن گوڙ شروع ڪري ڏنو، جنھن بعد اسپيڪر، شھباز شريف کي ڳالھائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي لاءِ وزيراعظم عمران خان، شھباز شريف، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سوڌو ٻيا ميمبرز ايوان ۾ موجود آھن. جڏھن تھ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اسپيڪر اسد قيصر ۽ پ پ ايم اين اي قادر مندوخيل ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، قادر مندوخيل جي گوڙ تي اسپيڪر چيو ته اوهان جو ڳالهائڻ جو اهو ڪهڙو طريقو آهي، پنهنجي حد ۾ رهو، اسپيڪر سارجنٽ ايٽ آرمز کي گهرائي قادر مندخيل کي ايوان مان نيڪالي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسپيڪر پ پ ايم اين اي قادر مندوخيل جي رڪنيت معطل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي،  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کانپوءِ بلاول ڀٽو کي خطاب جو موقعو نه ملڻ تي اپوزيشن طرفان گوڙ ڪيو ويو، اسپيڪر اپوزيشن جي احتجاج بعد پ پ چيئرمين کي خطاب جو موقعو ڏنو. وفاقي حڪومت جي درخواست تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت بل ملتوي ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بل کي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ايوان ۾ ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته مخالف ڌر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت بل تي توهان سان ڳالهائڻ چاهي ٿي ان ڪري ان کي ملتوي ڪيو وڃي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار جي درخواست تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بل کي ملتوي ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستانيز کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ڪيترائي بل پيش ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو