ڪي ڊي اي ملازمن کي پگهار نه ملڻ تي ڊائريڪٽر فنانس طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي ڊي اي جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊائريڪٽر فنانس کي ذاتي طور طلب ڪري ورتو آهي.  عدالت اهڙو حڪم اڱاري تي ڪي ڊي جي جي ملازمن پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي دوران عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪي ڊي اي جو فنڊ ڪيڏانهن ويو، جنهن تي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڪي ڊي اي جو فنڊ خرچ ڪيو ويو آهي. درخواستگذار پاران موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪي ڊي اي جي رٽائر ٿيندڙ ملازمن کي پينشن نه پئي ڏني وڃي. درخواستگذار ڪي ڊي اي لائنز ايريا ۾ 35 سال ملازمت ڪئي آهي پر جڏهن رٽائر ٿيو ته کيس رهتون ادا نه ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو