ڪي اليڪٽرڪ بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي خلاف منع نامي ۾ واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس شامل ڪرڻ جي خلاف حافظ نعيم الرحمان ۽ ٻين جي درخواستن تي منع نامي ۾ واڌ ڪندي ڪي ايم سي کان تفصيل گهري ورتو جسٽس نديم اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ جي سامهون عدالت مددگار خالد جاويد خان، جماعت اسلامي جو عثمان فاروق، ۽ سيف الدين ايڊووڪيٽس، ايس حسن مجتبيٰ عابدي ۽ عذرا مقيم ايڊووڪيٽس، ڪي ايم سي مان ۽ ايان مصطفيٰ ميمڻ ايڊووڪيٽ ڪي اليڪٽرڪ پاران پيش ٿيا عدالت ٻڌڻي دوران پڇاڻو ڪيو ته ڪٿي ڪو مثال آهي جنهن ۾ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل چارجز ورتا ويندا هجن؟ بئريسٽر خالد جاويد موقف ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ فيصلي ۾ چئي چڪي آهي ته بلز ڪليڪشن کي آٽ سورس نٿو ڪري سگهجي ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي قانونن جو جائزو وٺڻو پوندو اهو به ڏسڻو پوندو ته ڪارروائي جو ڪي ايم سي جو اختيار ڪي اليڪٽرڪ کي ڏئي سگهجي ٿو يا نه؟ جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي ڌار ڌار ادارا آهن ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙي طرح بل وصول ڪيا وڃن ٿا جماعت اسلامي جي وڪيل عثمان فاروق ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته ميونسپل چارجز پهريان واٽر بورڊ جي بلز ۾ شامل آهن ميونسپل چارجز کي بجلي يونٽس سان ڳنڍيو ويو آهي بجلي جي يونٽس سان ميونسپل چارجز ۾ به اضافو ٿيندو سنڌ حڪومت ڪي ايم سي جي موقف جي تائيد ڪري ڇڏي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل موقف ڏيندي چيو ته صوبائي حڪومت ڪي ايم سي جي اهڙن قدمن جي حمايت ڪري ٿي جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته ڪي ايم سي جو بل ڪي اليڪٽرڪ سان ڳنڍڻ جو ڇا مقصد هو عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي بلز ۾ ميونسپل ٽيڪس اڳاڙي جي خلاف منع نامي ۾ واڌ ڪندي ڪي ايم سي کي 7 ڊسمبر تائين تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو