ڪوڙي مقابلي ۾ ٻن نوجوانن جي قتل خلاف احتجاج

نوشھرو فيروز: (رپورٽ منظور ملڪ) ڊي ايس پي مورو پاران ڪوڙو مقابلو ڄاڻايي ماريل اطهر سولنگي ۽ محب سولنگي جي خون سان انصاف لاء  سولنگي برادري جي ماڻهن پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو, مظاهري ۾ دادو, ڪراچي, ميهڙ, لاڙڪاڻو, سکر, شڪارپور, ماڇڪو, راڌڻ,  هنگورجا سميت مختلف شهرن مان سولنگي برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي, ان موقعي تي  انجنيئر رحمت الله سولنگي, سردار اسرار سولنگي, علي اصغر سولنگي, مريد سولنگي, امداد حيدر سولنگي, درمحمد سولنگي, پپن سولنگي, انور سولنگي, ايڊوڪيٽ امير سولنگي,ياسين سولنگي,  عرفان سولنگي, دوست علي سولنگي, نواب سولنگي, جان محمد سولنگي, منظور سولنگي, مخدوم سولنگي, ايڊوڪيٽ ديدار سولنگي ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو جنهن وڏي تعداد ۾ سولنگي برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي, مظاهرين ڊي ايس پي حميد پنهور جي پوليس گردي نامنظور, حميد پنهور تي ڪيس داخل ڪريو, محب سولنگي, اطهر سولنگي جي خون سان انصاف ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا, ڌرڻي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڊي ايس پي مورو حميد پنهور ابڙان ٿاڻي جي حد ۾ پوليس گردي جو مظاهرو ڪندي اطهر سولنگي ۽ محب سولنگي کي جڙتو مقابلي ماري سندن خاندان اجاڙي ڇڏيا آهن, ڊي ايس پي عدالت کان مٿانهان قتل ڪيا آهن, پر کائنس ڪير به پڇڻ وارو نه آهي حميد پنهور هو اڳ به رڪارڊ خراب رهيو آهي ۽ ڪوڙا مقابلا ڪري ماڻهو ماريندو رهيو آهي, ڪوڙا مقابلا ڪرڻ ڪري حميد پنهور ڪيترائي ڀيرا معطل پڻ ٿيو آهي اهڙي پوليس گردي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو, ڊي ايس پي پاران ڏوهاري ڄاڻائي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريل ٻئي نوجوان غريب مسڪين هئا, مٿن ڪو ڪيس به داخل نه هو, حميد پنهور مقابلي کان اڳ چار ڪلاڪ پهريان مٿن ڪيس داخل ڪرايا آهن, پوليس ڪوڙا مقابلا ڪري بيگناهه ماڻهن کي ماري ظلم ڪري رهي آهي,  ڊي ايس پي حميد پنهور ظلم جي انتها ڪئي آهي اسان اهڙي ظلم خلاف خاموش نه ويهنداسين ڊي ايس پي خلاف سنڌ هاء ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي, پوري سنڌ جي سولنگي برادري هڪ پليٽ فارم تي گڏ آهي, اڄ ضلعي سطح تي احتجاج ڪيو ويو آهي ٻيو احتجاج پوري سنڌ ۾ هوندو, هنن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ, چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ, سيشن جج نوشهروفيروز,  پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو, سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه, آء جي سنڌ, ڊي آء جي شهيد بينظير آباد سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪوڙو مقابلو ڪندڙ ڊي ايس پي حميد پنهور کي معطل ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو, هوڏانهن ڌرڻو ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو جڏھن ته سوين ماڻھن پريس ڪلب کان مارچ ڪري ايس ايس پي نوشھرو فيروز آفيس آڏو ڏرڻو ھنيو  ان موقعي تي ايس ايس پي نوشھرو فيروز عبدالقيوم پتافي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري کين انڪوائري جوڙي جاچ ڪرڻ ۽ ڊي ايس پي عبدالحميد پنھنور کي ضلع بدرڪرڻ جو يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو