ڪوڙي دعويٰ تي ايوارڊ ڏيڻ فوجي اقدار جي خلاف آهي، پاڪستان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته خيالي ڪارنامي تي فوجي بهادري جو اعزاز ڏيڻ فوجي اقدار جي هر معيار جي خلاف آهي. اهڙو اظهار هن ا؛اري تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. ياد رهي ته سومر ڏينهن ڀارتي صدر رام ناٿ ڪووند فيبروي 2019 ۾ پاڪستان پاران تباهه ڪيل ڀارتي جهاز جي پائلٽ اڀينندن ورٿمان کي هڪ ڪوڙي دعويٰ تي ڀارت جو ٽيون وڏو فوجي اعزاز ’وير ڇڪرا‘ ڏنو هو. سندس دعويٰ هئي ته هن پنهنجو جهاز تباهه ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جو ايف 16 جنگي جهاز ڪيرايو هو. ان عمل جي دنيا ۾ ڪٿي به تصديق نه ٿي هئي. جڏهن ته پوري عالمي برادري پاران ڀارت جي ڪيرايل جهاز جي تصديق ڪئي وئي هئي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڀارت جي اهڙي ڪوڙي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جو پاڪستان ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ بي بنياد ۽ ڪوڙ آهي، هندستاني پائليٽ کي ايوارڊ ڏيڻ پنهنجي قوم کي خوش ڪرڻ ۽ ذلت کي ختم ڪرڻ جي برابر آهي. ترجمان چيو ته عالمي ماهرن ۽ آمريڪي عملدارن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته ان ڏينهن تي ڪو به ايف 16 جهاز ناهي ڪيرايو ويو، اقدار جي ابتڙ ۽ شڪست کاڌل ڀارتي پائليٽ کي اعزاز ڏيڻ پنهنجو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي، ڀارتي پائليٽ کي عزت ڏيڻ فوجي، اخلاقي ۽ سفارتي قدرن جي خلاف آهي ۽ شڪست کاڌل ڀارتي پائليٽ کي عزت ڏيڻ پنهنجو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته 27 فيبروري 2019ع تي پاڪستان ايئر فورس بهادري سان ڀارت جا ٻه جهاز ڏينهن جي روشني ۾ ڪيرايا، هڪ ڀارتي مگ 21 کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيرايو ويو ۽ تباهه ٿيل ڀارتي جهاز جي پائليٽ کي پڪڙي پاڪستان امن جي خاطر هن کي ڇڏي ڏنو هو ۽ ٻيو سندن جهاز ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ ڪريو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو