’ڪوڙو پوليس مقابلو‘ جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڊي ايس پي معطل

نوشهروفيروز(ن سنڌيار)جڙتو پوليس مقابلي ۾ ماريل ٻن نوجوانن  اطھر سولنگي ۽ محب سولنگي واري معاملي جو آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي مورو حميد پنهور کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. آءِ جي سنڌ مشتاق مهر مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڳڀرو نوجوانن جي معاملي جي ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي مورو حميد پنهور کي معطل ڪري ڇڏيو. آءِ جي سنڌ ليٽر ۾ ڄاڻايو آھي ته ڊي ايس پي خلاف هلندڙ جاچ کي نظر ۾ رکندي انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين کيس معطل ڪجي ٿو، جڏھن ته اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو