ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ٽيبليٽ تيار، منظوري بعد مارڪيٽ ۾ ايندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي وبا ڪورونا جي خلاف موت جي خطري کي 90 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ واري گوري پيڪسلووڊ جي اسعتمال جي لاءِ ڪوششن ۾ تيزي اچي وئي آهي. آمريڪي دوا ساز ڪمپني فائرز پنهنجي گوري (Paxlovid ) ڪورونا گولي مريضن کي ڏيڻ جي منظوري لاءِ آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن کي درخواست ڏني آهي. ڪلينڪل تجربن جي مطابق پيڪسلووڊ گوري اسپتال ۾ داخل ٿيڻ سان موت يا خطري کي 90 سيڪڙو تائين گھٽائي ٿي، جيڪڏهن فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن طرفان منظوري ڏني وئي ته اينٽي وائرل گوري ڪجهه هفتن ۾ ميڊيڪل اسٽورن تي موجود هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو