ڪورونا پابندين خلاف احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي فائرنگ

ايمسٽرڊم(ويب ڊيسڪ)هالينڊ جي شهر روٽرڊم ۾ ڪورونا وائرس جي پابندين خلاف احتجاج ڪندڙ شهرين تي پوليس گوليون وسائي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب هالينڊ جا ماڻهو ڊگهي عرصي کان جاري ڪورونا پابندين کان تنگ اچي روڊن تي نڪري آيا پر پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪري ڏني. خابرو اداري موجب مظاهرين روڊن رستن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ ڀڃ ڊاهه جو استعمال ڪيو جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ ڀاڄ پئجي وئي، ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. ميڊيا رپورٽن موجب شهر جي هڪ روڊ تي رات جي هڙتال دوران درجنين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڊچ حڪومت ڪورونا وائرس جي نئين لهر تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جمعي تي ملڪ ۾ 21 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جن ماڻهن کي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، انهن کي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو