ڪورونا وائرس، ايراني سفارتڪار فوت، انگ 3600 ٿي ويو

تهران (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب ايراني پرڏيهي وزير جو مشير ۽ سينئر سفارتڪار حسين شيخ السلام ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو آهي. ايران جي خابرو اداري ارنا موجب ملڪ ۾ وائرس تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي ۽ 6 سرڪاري عملدار ۽ سياستدانن سميت 107 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن. ايران ۾ 3513 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي. حڪومت شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته ڪرنسي نوٽن جو استعمال گهٽ کان گهٽ ڪريو، ڇو ته اهو به وائرس ڦهلائڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو. شيخ الاسلام انهن شاگردن مان هڪ هو جن 1980 ۾ 52 آمريڪي سفارتڪارن جو 444 ڏينهن تائين گهيراءُ ڪيو هو. هو شام ۾ سفير رهيو ۽ نائب وزير خارجه هو. ايران ۾ تعليمي ادارا بند آهن، سرڪاري ۽ نجي آفيسز ۾ ڪم ڪار محدود ڪيو ويو آهي. هوڏانهن برطانيا ۾ ڪورونا وائرس جي ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي انسانن تي آزمائش ايندڙ مهيني شروع ٿيندي. دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن مهل تائين مرندڙن جو انگ 3600 ٿي ويو آهي ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن. پاڪستان ۾ وائرس متاثرين جو انگ 6 ۽ ڀارت ۾31 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو