‘ڪورونا سبب 50 ڪروڙ کان مٿي ماڻهو غربت جو شڪار ٿيا’

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سڄي دنيا ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا جي وبا جي ڪري انتهائي غربت جو شڪار ٿيا آهن. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) ۽ ورلڊ بينڪ هڪ گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته عالمي وبا عالمي سطح تي صحت جي خدمتن کي متاثر ڪيو ۽ هي وبا 1930 کان پوءِ بدترين معاشي بحران جو سبب بڻي، جنهن ڪري ماڻهن جو گذر سفر وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو. صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ادهانوم گبريئس چيو ته ”سڀني حڪومتن کي فوري طور تي ٻيهر سخت اپاءُ شروع ڪرڻ گهرجن ۽ انهن جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ گهرجي انهي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته هر شهري کي مالي نقصانن جي خوف کان سواءِ صحت جي سهولت تائين رسائي حاصل ٿي سگهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) حڪومتن تي زور ڏئي ٿو ته هو صحت جي سار سنڀال واري نظام تي ڌيان ڏين ۽ عالمي صحت جي ڪوريج تي عمل ڪن، جيڪا ڊبليو ايڇ او جي مطابق هر ڪنهن کي مالي مشڪلاتن کان سواءِ صحت جي سهولتن تائين رسائي جي اجازت ڏئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو