ڪوئلي جي کاڻ مان زهريل گيس خارج ٿيڻ سبب 52 فوت

ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روس ۾ ڪوئلي جي کاڻ مان زهريلي گيس نڪرڻ سبب فوتين جو انگ 50 کان وڌي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سائبيريا ۾ ڪوئلي جي کاڻ مان زهريلي گئس جي اخراج سبب فوتين جو انگ 52 ٿي ويو آهي، تازو سانحي کي روس ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ ڪوئلي جي کاڻ جو بدترين واقعو قرار ڏنو پيو وڃي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪوئلي جي کاڻ ۾ پيش آيل واقعي ۾ 6 ريسڪيو اهلڪار پڻ فوت ٿي ويا. ريجنل انويسٽيگيشن ايجنسي جي سربراهه جو چوڻ هو ته ڪوئلي جي کاڻ جي مالڪ سميت ٽن اهلڪارن کي ناقص انتظامن جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو