ڪنيريا سان ڪجهه ساٿي مذهبي نفرت ڪندا هئا، شعيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي اسپيڊ ماسٽر شعيب اختر هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه ڪرڪٽر دانش ڪنيريا سان هندو هئڻ سبب نفرت ڪندا هئا ۽ ساڻس گڏ کائڻ پيئڻ پسند نه ڪندا هئا. شعيب اختر جي ان بيان تي ڪرڪٽ جي دنيا ۾ نئون بحث ڇڙي پيو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي پاڪستاني ڪرڪٽرن تي تنقيد ٿي رهي آهي. خاص ڪري ڀارت ۾ انتها پسند هندو ان تي ڀرپور تنقيد ڪندي ويلڪم دانش ڪنيريا ويلڪم ڪري رهيا آهن. شعيب اختر چيو ته هڪ ڀيري هڪ ڪپتان چيو ته دانش هتان کاڌو ڇو ٿو وٺي جتان اسين ٿا کائون.

مون کيس چيو ته تون ڪپتان هوندي پنهنجي گهر تي، چپ ڪر نه ته ٻاهر اڇلي ڇڏيندس توکي. تنهنجي ملڪ کي دانش 6،6 رانديگر آئوٽ ڪري سيريز کٽائي ٿو ۽ تون هن لاءِ ايئن ٿو چوين؟. هن ڪنهن جو نالو ناهي کنيو پر دانش ڪنيريا 61 ٽيسٽ ميچز کيڏيون جن ۾261 وڪيٽون ورتيون. هو ٽيسٽ ڪرڪٽ ۾ وسيم اڪرم، وقار يونس ۽ عمران خان کانپوءِ چوٿين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ وڪيٽ وٺندڙ رانديگر آهي. ڊانش ڪنيريا جي ڪيريئر دوران انضمام الحق، محمد يوسف ۽ يونس خان سندس ڪپتان رهيا. ٽنهي بي بي سي سان ڳالهائيندي دانش ڪنيريا سان مذهبي بنياد تي نفرت جي وريي کان انڪار ڪندي لاعلمي ظاهر ڪئي ته هنن کي ان بابت ڪا ڄاڻ ئي ناهي. خود دانش ڪنيريا جو چوڻ آهي ته هو شعيب اختر جو شڪر گذار آهي پر هو ان باري ۾ وڌيڪ ڪجهه چوڻ نٿو چاهي ۽ هو ڪتاب لکي پيو جنهن ۾ تفصيلي ذڪر ڪندو.

هن ان ڏس ۾ بيان به جاري ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته مان سخت پريشان آهيان ۽ حالتون خراب آهن، سينئر ڪرڪٽر بشمول وزيراعظم عمران خان، پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ ۽ ڪرڪٽ جي پوري دنيا کي مدد جي اپيل ڪئي آهي. ياد رهي ته دانش ڪنيريا جو ڪيريئر سپاٽ فڪسنگ سبب ختم ٿيو جڏهن ساڻس ڪائونٽي ڪرڪٽ کيڏندڙ  مرون ويسٽ فيلڊ مٿس اسپاٽ فڪسنگ جو الزام هنيو. جنهن بعد انگلش ۽ ويلز ڪرڪٽ مٿس تاحيات پابندي مڙهي ڇڏي. هو 6 سالن تائين اسپاٽ فڪسنگ جو انڪار ڪندو رهيو پر گذريل سال آڪٽوبر ۾ الجزيره کي ڏنل انٽرويو ۾ هن اقرار ڪيو هو ته هن ڪجهه ڪرڪٽرز کي پيشڪش ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو