ڪلاسيڪل راڳي جي پهرين ورسي، فڪارن پاران ڀيٽا پيش

نواب ولي محمد (ن سنڌيار) ڳوٺ مٺو خان ماڇي ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو نيم ڪلاسيڪل راڳي استاد لعل بخش سولنگي جي پهرين ورسي ملهائي وئي قبر تي  گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري وئي بعد ۾ دولتپور شهر ۾ گهر جي سربراھ طور دوست علي سولنگي کي پڳ ٻڌرائي وئي بعد ۾  راڳ رنگ جي محفل پڻ رکي وئي انهي موقعي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪهي آيل مهمانن کي مرحوم لعل بخش سولنگي جي فرزند علي دوست سولنگي آڌر ڀاء ڪيو جڏهن ته لعل بخش سولنگي جي زندگي تي ڳالهائيندي زين ڀٽو ۔ مجيب ماڇي ۔ پروفيسر عبيدالله ماڇي  ايڊووڪيٽ سچل مجيب ماڇي ۔سنڌ جو سريلو شاعر شتاب زرداري سوڍل سولنگي ۽ ٻين چيو ته استاد لعل بخش سولنگي هڪ بهترين کرو ۔ سچو انسان هيو جيڪي دل ۾ سولبن تي هوندو هيس سو چئي ڏيندو هيو پاڻ سنڌ جي نظرياتي سيدن جو سچو عاشق ۽ سنڌ سان ازلئون عشق جو جنون سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هيو پاڻ راڳ ۾ نيم ڪلاسيڪل ۾ وڏو ناء ڪمايو پاڻ ريڊيو پاڪستان ۔ پي ٽي وي پاڪستان سنڌ ٽي وي ۽ ٻين ڪيترن ئي چينلن تي ڀٽائي سرڪار جي ايوارڊ سان پڻ کيس نوازيو ويو پاڻ ڪافي ڪلام جون هزارين ڪلام ڳايا سندس سريلو مڌر آواز سندس وڃڻ کانپوء به اڄ به اسان وٽ موجود آهي ۽ رهندو آخر ۾ سندس جي مغفرت جي لاء دعا پڻ گهري  بعد ۾ سنڌ جو صوفي راڳي شفيع محمد فقير سر وکيريا ۽ محفل سڄي رتا جاري رهي

پهنجو تبصرو موڪليو