ڪرپشن جھڙو ڪڌو ڪاروبار ڪڏهن بند ٿيندو !!

وفا ولي محمد ڦل
پاڪستان ھڪ اسلامي ملڪ آهي اسان جي ملڪي ڪرنسي جي ھر نوٽ تي ھڪ حديث مبارڪ” لکيل آهي ته حصول رزق حلال عبادت آهي تنهن باوجود ڪرپشن ختم ٿيڻ بدران ڪرپشن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رھيو آهي سڄي مل توڙي سنڌ جي ھر ضلعي ۾ رشوت ۽ڪرپشن جي بازار گرم آھي ڪنهن ڪنهن کاتي ضلعي جو ذڪر ڪجي مختصر ذڪر دادو جي وفاقي صوبائي سرڪاري کاتن نيشنل بينڪ دادو خزانا آفيس دادو ۽ ٻين کاتن ۾ مبينا شھرين ۽ سرڪاري ملازمن پاران نشاندهي ٿيڻ باوجود 15 سالن کان ڪرپشن جي خاتمي لاِء ڪا به قانوني ڪارروائي عمل ۾ نه آئي آهي سجاڳ لاِء سوال بڻيل آهي ڪرپشن انگلش لفظ ڪرپٽ مان ورتل آهي ڪرپٽ جي معنىٰ بگاڙڻ يا خراب ڪرڻ آهي اھڙي طرح سرڪاري ادارن ۾ غلط ڪم کي ڪرپشن چيو ويندو آهي پنهنجي اختيارين جو غلط استعمال ڪرڻ سان ئي ڪرپشن ٿيندي آهي ڪرپٽ ماٹھو بہ ھڪ دھشتگرد جي مثال آھي جئین ھڪ دھشتگرد پنھنجی ملڪ کي نقصان پچائی ٿو ایئن ڪرپشن ڪندڙ ماٹھو اندروني طور تي پنھنجي ملڪ کي تباھي طرف ڌڪي ٿو ڪرپشن ڪینسر جیاء ناسور مرض آھي ملڪ مٿان قرضن جي ڌدندڙ بار جو سبب بہ ڪرپشن آھيسنڌ جي ھر سرڪاري غير سرڪاري محڪمي م ڪرپشن رشوت خوري ۽ حرام جي لعنت آخر ڪڏھن ختم ٿيندي؟ صحت کاتي جي سيڪٽريٽ کان وٺي ڊي ايڇ او تاۂين ڪرپشن رشوت جي باھ م ھ ايماندار آفيسر سڙي ويو.19 گريڊ جي ڊاڪٽر عظيم سوڍرخود ڪشي ڪري ڇڏي معاشري م ڪرہشن جي لعنت کي بجو ڏيندڙ ھن ايماندار آفيسر جو آخري خط پڙھي آخر اسان ڪنھن کي لعنتون ڏيون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ۽ ناليواري قانوندان اياز لطيف پليجو تازو ھڪ تقرير ۾ ڪيڏو نه سچ چيو ته سنڌ جا سمورا حڪومتي ادارا ڪرپشن جي ڪري ڪا چڱي ڪارڪردگي نه پيا ڏيکارين، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن،اقرباپروري عروج تي آهي، عام ماڻهن جا مسئلا حل نٿا ٿين، ڪرپٽ ڪامورا ۽ راشي ڪلارڪ ماڻهن جا جائز ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، جنهن ڪري عام ماڻهن کي پنهنجي جائز مسئلن حل ڪرائڻ ۽ سرڪاري ڪاغذ پٽ ٺهرائڻ ۾ ڏکيايون پيدا ٿين ٿيون. خاص ڪري واپڊا، روينيو کاتو، ايريگيشن کاتو، ڪسٽم رشوت وٺندڙن ۾ سڀني ادارن کان اڳڀرا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل بئنڪ جي لوئر اسٽاپ جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ڪرپٽ ڪامورا ڪرپشن ڪري اربين روپين جا مالڪ ٿي ويا آهن.حڪومت جي سرپرستي ۾ ڪرپشن جو ڪاروبار ڀوتارن ۽ ڪامورن ذريعي جاري آهي، عام ماڻهن کي سري عام سرڪار جا ڪامورا ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن، سنڌ جا سرڪاري ادارا رشوت خور ڪامورن جون نجي فيڪٽريون بڻيل آهن، ملڪ ۾ ڪرپشن جو ناسور جيستائين ختم نه ٿيندو، تيستائين ملڪ ۽ قوم ترقي نه ڪري سگھندو. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لازمي آهي، تنهن ڪري سڀني سياسي سماجي ڌرين کي ملڪ جي ترقي ۽ تعمير لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته اعلى عدالتن جي ججن جي نگراني ۾ رشوت ٽوڙ ڪميٽيون ٺاهي ڪرپشن کي ختم ڪيو وڃي. رشوت وٺندڙ ڪرپٽ ڪامورن ۽ انهن جي پٺ ڀرائي ڪندڙن جي خلاف سخت قدم کڻي کين رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزائون ڏنيون وڃن خود اسانجي ضلعي نوشھروفيروز ايجوڪيشن ورڪس کاتي جو ايس ڊي او کاتي لاء ناسور بڻجي ويو آهي , پنهنجي کاٽو پٽ سب انجنيئر سان ملي ڀڳت ڪري ڪرپشن ۽ رشوت خوريء سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا انتهائي ويجهڙن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ايجوڪيشن ورڪس سب ڊويزن نوشهرو فيروز ۽ سب ڊويزن مورو ۾ ھي ٻءي آفيسر کاتي کي وڻ ويڙهيء وانگر چنبڙي ويا آهن جن کاتي کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي جيڪي ٺيڪيدارن جي لاء وڏو عذاب بڻجي ويا آهن پروفيشنل ٺيڪيدارن کان هر ڪم تي رشوت جي بازار گرم ڪري ويٺا آهن جيڪي سائيڊ وزٽ ڪرڻ جي لاء به ڳري رشوت وٺڻ لڳا آهن جنهن سبب ٺيڪيدار ويچارا پريشان حال بڻيل آهن ذريعن اهو پڻ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪرپشن ۾ مهارت رکندڙ هن راشي ۽ ڪرپٽ ڪامورن پاران جائز بلن تي به رشوت کان سواء اهي پاس نه ٿا ڪيا وڃن کين رلايو وڃي ٿو گذريل 4 سالن کان ٻئي چارجون رکندڙ ملازم ايڏا بااثر آھن جو کين نگران حڪومت ۾ به بدلي نٿو ڪيو وڃي سندن چوڻ آهي ته اسان کي ڪنهن جي به پرواه ڪانهي اسان هيٺ کان مٿي ڏيتي ليتي جو سٽسم ٺاهي ڇڏيو آھي سيڪريٽري ايجوڪيشن ورڪس کي ماهوار 5 لک روپيا پهچائيندا آھيون ان ڪري اسان جو ڪير ڪجهه بگاڙي نه ٿو سگهي هتان جي ساڃاھ ڌرين پاران سنڌ جي نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته اسڪولن جي بلڊنگن۔ مرمت ۽ فرنيچر جا ڪروڙين رپيا ڳڙڪائيندڙ راشي آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ اينٽي ڪرپشن ۽ نيب ڏانهن جاچ ڪرائڻ لاء موڪليو وڃي ته جيئن سرڪاري بجيٽ هڙپ ٿيڻ کان بچي سگهي ـحقيقت ته اھا به آھي ته ڪرپشن سنڌ جي سمورن کاتن ۾ڪاٺ کي اوڏوھي ء جيان کآءي ناس ڪري ڇڏيو آھي تعليم کاتي صحت کاتي پوليس کاتي نادرا کاتي پي پي ايڇ آء صوبي سنڌ ۾ بجلي کاتي روڊس کاتي وغيره سميت ڪھڙو کاتو آھي جيڪو ڏنو پٽ ڇٽي کا پاڪ ۽ڪرپشن جھڙي لعنت کان آزاد ھجي جنهن ڪري سنڌ جو مظلوم پيڙھيل عوام خودڪشي ڦاڪا ڪشي توڙي پنڻ تي مجبور آھي پر ڪوب ادارو يا حڪومت ڪرپشن کي روڪي نه سگھي آھي پي پي سرڪار ته خود نوڪريون ۽ڪامورن جي پڇ تي لت رکي حصيوار بڻيل آھي خدا جو خوف ڪيو غريبن جي حقن تي ڌاڙو نه ھڻو جي مسڪينن جا ڪم سرڪاري پگھار ھوندي پيسن عيوض ڪيو پيا ڇا ان ظلم ناحق ۽ رشوت جي انجام جي اوھان کي خبر ناھي جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ به آيو آھي پوء ان آخرت جي ڏينھن اوھان کي ڪير بچاءيندو گھڻن ڪرپٽ خورن جو حساب تي ھن دنيا ۾ ٿي رھيو آھي باقي جيڪي بچيل آھن اھي پنهنجي آخري وقت يعني موت جو انتظار ڪن پوء اوھانجون اکيون کلنديون اوھانجا ھٿ پير سڀ شاھدي ڏيندا !!!!

پهنجو تبصرو موڪليو