ڪروم ڊيسڪ ٽاپ ۾ اسڪرين شاٽ لاءِ ٽول شامل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اسڪرين شاٽ ڏاڍا مددگار هوندا آهن جڏهن ماڻهن سان ڪجهه تفصيل شيئر ڪرڻ جي تڪڙي ضرورت هجي. پر اڪثر ڪري اسڪرين شاٽ کي ايڊٽ ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي جنهن ۾وقت جو ضايع آهي. ان ڪري گوگل ڪروم برائوزر ۾ هڪ ڪارائتو ٽول شامل ڪيو ويو آهي. هي ٽول توهان کي برائوزر ۾ اسڪرين شاٽ وٺڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ جي سهولت ڏيندو. هي ٽول اينڊرائڊ تي ڪروم ايپ ۾ ڪجهه مهينن کان موجود آهي جيڪي اسڪرين شاٽ وٺڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. هي فيچر هاڻي ڪروم جي ڊيسڪ ٽاپ ورزن ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو هن وقت برائوزر جي ٽيسٽنگ ورزن جو حصو آهي. رپورٽ موجب هي ٽول اسڪرين شاٽ ۾ ڊرائنگ، ڪراپس ۽ ٽيڪسٽ شامل ڪري سگهندو جڏهن ته اسڪرين شاٽس کي پي اين جي تصويرن ۾ به محفوظ ڪيو ويندو. گوگل موجب هي نئون فيچر ونڊوز، ميڪ او ايس ۽ لينڪس سان گڏوگڏ ڪروم او ايس ۾ به موجود هوندو. ٻئي طرف گوگل اعلان ڪيو آهي ته اهو نومبر جي آخر تائين ڪروم جي پراڻن ورزن جي سپورٽ ختم ڪري ڇڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو