ڪرنگهي جي هڏي سبب مفلوج بڻيل ماڻهن لاءِ علاج دريافت

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي سائنسدانن هڪ اهڙي دوا تيار ڪئي آهي جنهن سان ڪرنگهي جي هڏي سبب مفلوج بڻيل ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندي ۽ هڪ نارمل انسان جيان حياتي گذري سگهندا. سائنس جرنل ۾ شايع ٿيل اسٽڊي مطابق نئين دوا جو ڪوئن تي ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي ۽ ايف ڊي اي کان انسانن تي تجربن لاءِ ايندڙ سال اجازت طلب ڪئي ويندي. اها تحقيق نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي جي سائنسدانن جي ٽيم ڪئي آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته هي دوا انسانن ۾ به ساڳيا ڪامياب نتيجا ڏيندي. هن تحقيق جي نگراني ڪندڙ سيموئل اسٽوپ جو چوڻ آهي ته “اسان جي تحقيق جو مقصد هڪ آسان علاج دريافت ڪرڻ هو جنهن کي ڪلينڪ ۾ آندو وڃي ته جيئن ماڻهن کي وڏي صدمي يا بيماري کان پوءِ مفلوج ٿيڻ کان بچائي سگهجي ،” اسين ان ۾ ڪامياب ٿيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو