ڪرس گيل جي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل کي به الوداع؟

دبئي (ويب ديسڪ) ڪرس گيل انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي کي الوداع ڪري ڇڏيو آهي. هن کان اڳ ڊيوائن بريووو رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو. اڄ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا خلاف گروپ 12 جي ليگ ميچ ۾ رنگين چشما پائي بيٽنگ ڪرڻ لاءِ پهتل 42 ورهين جو ڪرس گيل جارحاڻي موڊ ۾ نظر آيو ۽ هن ٻه ڇڪا به هنيا پر بدقسمتي سان هو وڪيٽ تي نه رهي سگهيو ۽ 9 بالن تي 15 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جي هٿان بولڊ ٿي ويو. ڪرس گيل جڏهن آسٽريليا خلاف بيٽنگ ڪرڻ لاءِ ميدان تي پهتو ته ٽيم جي سمورن رانديگرن تاڙيون وڄائي ڀليڪار ڪيو.

Clapping for Chris Gayle

جڏهن هو آئوٽ ٿي پويلين موٽيو ته تماشائين تاڙيون وڄايون ۽ هن بيٽ لهرائي کين جواب ڏنو. نه ئي ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ ۽ نه ئي ڪرس گيل پنهنجي ريٽائرمينٽ جو باضابطا اعلان ڪيو آهي، پر پرڏيهي ويب سائيٽ اي ايس پي اين ڪرڪ انفو سوشل ميڊيا تي ڪرس گيل جي هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ’ختم‘ آهي. 21

سيپٽمبر 1969 تي جميڪا ۾ جنم وٺندڙ ڪرسٽوفر هينري گيل المعروف ڪرس گيل 19 ورهين جي ڄمار ۾ انٽرنيشنل ڪرڪٽ شروع ڪئي، هن جا ايترا ته رڪارڊ آهن جن جو ذڪر ڪجي ته ڪتاب ڀرجي وڃي. ٽيسٽ ۾ 7 هزار کان مٿي رنز ٺاهيندڙ هن بيٽسمين کي ٽرپل سينچري ٺاهڻ جو اعزا حاصل آهي. هن ون ڊي ۾ ڪيترا ڀيرا ڊبل ۽ ٽي ٽوئنٽي جي تاريخ جو وڏو اسڪور 175 ٺاهن جو اعزاز به حاصل آهي. تيز ترين ٽي ٽونئٽي ففٽي ۽ سينچري به هن ٺاهي.ويشت انڊيز کي 2004 ۾ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي، 2012 ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ 2016 ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽرايو. هو 200 وڪيٽون به پنهنجي ساڄي ٻانهن سان اسپن بالنگ م وڄي چڪو آهي. هي بالنگ ساڄي ۽ بيٽنگ کاٻي ٻانهن سان ڪندو آهي. هن آءِ پي ايل ۾ 2011 ۾ رائل چيلينجر بنگلور پاران کيڏندي پوني وزريئر خلاف 175 رنز ٺاهي موسٽ ويليو ايبل ڪرڪٽر جو اعزاز حاصل ڪيو هو. 14هزار کان مٿي ون ڊي ۾ رنز ٺاهڻ، ٽي ٽوئنٽي ۾ 1000 کان مٿي ڇڪا هڻڻ وارو به هي واحد ڪرڪٽر آهي. هن 2014 ۾ ٽيسٽ 2019 ۾ ون ڊي ۽ 2021 ۾ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل تان رٽائرمينٽ ورتي. ڪرس گيل ڪرڪيٽ جي تاريخ جو انمول هيرو آهي جيڪو هميشه ياد رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو