ڪرتارپور لنگهه جو معاهدو ٿي ويو ، افتتاح 9 نومبر ٿيندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ڀارت ڪرتاپور لنگهه بابت معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، 9 نومبر تر وزيراعظم عمران خان باضابطه طور افتتاح ڪندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ۽ ڀارت پارن مسٽر داس معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي موجب روزانو 5 هزار ماڻهو اچي سگهندا، 20 ڊالر في ماڻهو فيس هوندي. وازا کانسواءِ داخلا ٿيندي پر پاسپورٽ لازم هوندو جنهن تي اچڻ ۽ وڃڻ جو ٺپو لڳندو. صبح جو آيل زيارتي شام جو واپس ويندا. ڀارتي سرحد کان بابا گرو نانڪ جي مزار جنهن کي گوردوارو دربار صاحب به سڏيو ويندو آهي اها بابا گرو نانڪ جي مزار آهي، ڀارتي سرحد جي ٽن ڪلوميٽرن تي واقع ڪرتارپور شهر پنجاب جي ضلعي نارو وال جي تعلقي شڪر ڳڙهه ۾ آهي. لاهور کان 120 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. ڀارت کان پيادل به اچي سگهبو، حڪومت بسن جو انتظام ڪندي. ڪرتار پور شهر بابا گرو نانڪ 1521 ۾ آباد ڪيو ۽ آخري وقت هتي گذاريو، سندس وفات کان ڪجهه سال اڳ 1539 ۾ هي گوردوارو تعمير ٿيو هو، سندس مزار مهاراجه پٽيالا سنگهه 1921 کان 1929 تائين تعمير ڪرائي. هي سکن لاءِ تمام مقدس جاءِ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو