ڪراچي ۾ گيس جي کوٽ، ايل پي جي سلينڊر وارن جي چاندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، جنهن سبب شهري سخت پريشان ٿي ويا آهن. شهر جي مختلف علائقن لانڍي، شاهه فيصل، ملير، ايف بي اريا، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ صبح کان گئس جي بندش شروع ٿي وئي، جنهن سبب پريشان شهرين دڪانن جو رُخ ڪري ورتو ۽ هوٽلن تي قطارون لڳي ويون. ڪلفٽن ۽ باٿ آئيلينڊ ۾ به صبح جي وقت بحران ٿئي ٿو. هوڏانهن گئس بحران سبب شهري ڪرائي تي گئس سئلينڊر حاصل ڪرڻ لڳا، جنهن سبب ايل پي جي گئس کپائيندڙن جي به آمدني وڌي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو