ڪراچي ۾ ڪورونا ڦهلجڻ جي شرح 29 سيڪڙو ٿي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 29 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. سنڌ جي صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي تشخيص لاءِ 7 هزار 226 ٽيسٽ ڪيا ويا. سنڌ جي صحت کاتي جي عملدارن موجب ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 2081 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ مثبت ڪيسن جي شرح 28.8 سيڪڙو رهي. واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جاري آهي ۽ مثبت ڪيسن جي شرح ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ شروع ٿي وئي آهي. ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 3567 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ شرح 7.36 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو