ڪراچي ۾ برسات، ننڍن جهازن جي اڏام تي پابندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. هوائي اڏي تي پڻ بارش ٿي آهي جنهن سبب سول ايوي ايشن سمورن ايوي ايشن ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته ننڍن جهازن کي اڏامڻ کان روڪيو وڃي. ڇو ته سيسنا جهڙن ننڍڙن جهازن کي برسات دوران نقصان جو خدشو آهي. تيز هوائن سبب ننڍن جهازن کي ونگز لڳل وزنن سان پارڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل کاتي کي محفوظ فلائيٽ آپريشن لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو