ڪراچي يونيورسٽي پاران انتظاميا سنڌي ثقافتي ميلي تي پابندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي انتظاميه پاران سنڌي شاگردن کي ساليانو ثقافتي ميلو منقعد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار، شاگردن احتجاج جو چتاءَ ڏئي ڇڏيو. سنڌي شاگرد سٿ جي اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي وفد ڪراچي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر خالد محمد عراقي سان سالياني ثقافتي ميلي “سنڌ فيئر” جي اجازت جي حوالي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران کيس درخواست ڪئي وئي ته سنڌي شاگرد سٿ هر سال ثقافتي ميلو منقعد ڪندا آهن.  هن سال به يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ چاهيون ٿا، جنهن لاءِ تقريب جي اجازت ڏني وڃي. جنهن تي وائس چانسلر بغير ڪنهن سبب جي جواب ڏئي ڇڏيو آهي. شاگرد اڳواڻن زائر مهيسر، ثنيه شيخ، ام فضا، نويد عباس ۽ ٻين چيو ته يونيورسٽي انتظاميا سنڌي شاگردن سان ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. اسانجي تقريب سياسي نه پر نج ثقافتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو