ڪراچي وارن کي بجلي جو نئون جهٽڪو هڻڻ جي تياري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهانگائي جي ستايل عوام تي هڪ ٻيو بجلي بم ڪيرائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي.ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي هڪ رپيو 66 پئسا مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، ماهوار فيول پرائس جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا کي ڏني وئي آهي.ڪي اليڪٽرڪ اها درخواست فيبروري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني آهي، واڌ جي صورت ۾ واهپيدارن تي هڪ ارب 85 ڪروڙن جو بار پوندو. ڪي اليڪٽرڪ جي ان درخواست تي نيپرا 30 مارچ تي ٻڌڻي ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو