ڪراچي وارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي تياري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت نيپرا کي ڪراچي لاءِ بجلي 6 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي.نيپرا وفاقي حڪومت جي درخواست تي 3 اپريل تي ٻڌڻي ڪندي، درخواست موجب بجلي ٻن ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ٿيندي.هڪ ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 4.45 رپيا في يونٽ تائين مهانگي ٿيندي، جڏهن ته گذريل سال جي ٻي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي هڪ رپيو 55 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيندي.واڌ جو فيصلو برابر ٽيرف برقرار رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واڌو وصوليون اپريل جون 2023 دوران ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو