ڪراچي مونکي ڪروڙ پتي بڻايو ۽ زال به ڏني، بلال قريشي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جيو جي ڊراما سيريل ”منافق“ ۾ حمزه جي ڪردار ۾ پنهنجو نالو ڪمائيندڙ اداڪار بلال قريشي پنهنجي زندگيءَ جي اُٿل پٿل بابت ڳالهائيندي چيو آهي. جيو ڊجيٽل کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ بلال قريشي چيو ته جيڪڏهن مان پنهنجي ڳالهه ڪريان ته مان هن شهر ۾ خالي کيسي آيو هئس پر ڪراچي مون کي ڪروڙ پتي بنائي ڇڏيو. اداڪار جو چوڻ هو ته هو لاهور جو آهي پر ڪراچي کيس گهڻو ڪجهه ڏنو، هن شهر مان پنهنجي زال به ورتي. ڊرامي سيريل منافقن جي حوالي سان ڳالهائيندي بلال قريشي چيو ته حمزه جو ڪردار ڪنهن ٻئي کي ڪرڻو هو پر اوچتو عبدالله قريشي کيس فون ڪري اهو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو، هو عبدالله قريشي کي پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهندو آهي، هو ان آفر کي رد نه ڪري سگهيو. هن ڪردار لاءِ ها ڪئي، حمزه جو ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن کي تمام گهڻو پسند آيو. هر پل جيو تي سندس تازو ختم ٿيل ڊرامي ”بيچاري قدسيا“ بابت جڏهن پڇيو ويو ته هن چيو ته ڊرامي جي ڪهاڻي وانگر، ڇا هن سماج ۾ سٺو ڏسڻ ۽ لباس پائڻ لاءِ ڪڏهن اوهان دٻاءُ محسوس ڪيو آهي؟ ان سوال جو جواب ڏيندي اداڪار چيو ته اسان جي سماج ۾ اهو دٻاءُ تمام گهڻو آهي، هتي ماڻهو ڪنهن جي وزن تي تبصرا ڪندا آهن ۽ ڪنهن جي قد ۽ بت باڊي تي،خبر ناهي اسان جو معاشرو ان گند مان ڪڏهن ٻاهر نڪرندو، اسان کي انهن فضول ڳلهين بدران پنهنجي ڪم تي فوڪس ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڳالهائيندي بلال قريشي چيو ته هو بسن ۾ گهمندو هو ۽ آڊيشن جي ڊگهين لائينن کي برداشت ڪندو هو، اهي مشڪلاتون سندس ڪاميابيءَ جي ڏاڪڻ بڻجي ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو