ڪراچي مان چوري ڦر ٿيل لکين موبائيل فون پرڏيهه اسمگل ٿين ٿا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موبائيل فون مهانگو ٿيڻ جو مک سبب سامهون اچي ويو ڪراچي مان هر سال چوري ٿيل ۽ ڦر ڪيل لکين موبائيل فونز افغانستان سميت ٻين ملڪن ۾ اسمگل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪراچي ۾ هر سال 50 هزار کان وڌيڪ شهرين جا موبائيل فونز چوري يا ڦر ڪيا وڃن ٿا ڪجهه موبائيل ري پيڪ ٿي هتي وڪرو ٿين ٿا ۽ ٻيا اسمگلنگ ڪيا وڃن ٿا ڪراچي جي هڪ به گهٽي پاڙو اهڙو ناهي جتي اوهان بنا خوف موبائيل فون استعمال ڪري سگهو ڪراچي ۾ هلندڙ سال 11 هزار 500 شهرين کان موبائيل فون کسجي چڪا آهن جڏهن ته گذريل سال 28 هزار کان وڌيڪ شهري پنهنجي موبائيل فونز کان محروم ٿيا هئا ڪراچي ۾ چوري ٿيل موبائيل فون بابت وڏو انڪشاف سامهون آيوآهي آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اعتراف ڪيو آهي ته چوري يا ڦر ڪيل موبائيل فون ريفريش ڪيا وڃن ٿا انهن جو آئي ايم اي آئي نمبر تبديل ڪيووڃي ٿو پوءِ طئي ٿئي ٿو ته هن موبائيل کي ري پڪنگ کان پوءِ ٻيهر هتي وڪرو ڪيو وڃي يا ملڪ کان ٻاهر اسمگل ڪيو وڃي هن چيو ته پاڪستان مان چوري ٿيل يا ڦر ڪيل موبائيل فونز جي پاڙيسري ملڪن ۾ اسمگلنگ لاءِ شهر ۾ ڪيترائي گروپ ڪم ڪري رهيا آهن پوليس انهن ڏوهارين جون لسٽون به تيار ڪري ڇڏيون آهن اليڪٽرانڪ مارڪيٽ جي واپاري اڳواڻ رضوان عرفان دعويٰ ڪئي ته چوري ٿيل موبائيل فون ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ سولائي سان وڪرو ٿين ٿا. هن وقت تائين ڪراچي مان لکين موبائيل فون پاڙيسري ملڪن ڏانهن اسمگل ٿي چڪا آهن پر اسمگلنگ جي هن نيٽ ورڪ کي بريڪ ڪرڻ لاءِ ڪائي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو