ڪراچي فيشن هفتو، اداڪارائون ڪيٽ واڪ ۾ مست

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ منعقد ڪيل فيشن شو جون تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهي. مزيدار ڳالهه اها آهي ته اهي تصويرون ڏسڻ وارن کي کل ٿي اچي يا وري حيران ٿي وڃن ٿا. اهڙي ئي هڪ ويڊيو اسدا ڪاره حنا الطاف جي آهي جيڪا ايف پي ڊبليو جي فيشن شو ۾ زلبري برينڊ وارن جي شو اسٽاپر بڻي. هن نارنگي رنگ جو لباس پاتو جنهن کي ڪافتان به چيو وڃي ٿو. هوءَ پنهنجي واري تي جڏهن ريمپ تي آئي ته ٺينگ ٽپا ڏيندي آئي ڪنهن مهل توازن برقرار نه رکي سگهن سبب پاڻ ڪرندي ورندي بچي ته ان سان گڏ ريمپ تي موجود ٻين اداڪارائن لاءِ به زحمت جو سبب بڻي.

حنا الطاف جي فيس بڪ اڪائونٽ جو فوٽو

هوءَ ايترو خوشي ۾ مست ٿي وئي جو واپسي جو رستو ئي ڀلجي وئي. حنا الطاف جي اهڙي انداز تي صدف ڪنول طنزيه مسڪرائيندي رهي. فيشن ويڪ ۾ نامور ڊزائنر همايون عالمگير جي ڪليڪشن سڀني جي ڌيان جو مرڪز رهي. عام طور تي ڊزائنر ڪنهن شو ۾ پنهنجي بهتر ڊزائن لاءِ خوبصورت اداڪارا جي چونڊ ڪندو آهي ۽ آخري نمائش ڪندڙ کي شو اسٽاپر سڏبو آهي، همايون هڪ ئي وقت 6 اداڪارن کي ريمپ تي وٺي آيو.

جيئن مشاعري ۾ شاعرن سان جٺ ٿيندي آهي هن فيشن شو ۾ به ڪيٽ واڪ ڪندڙن تي فقري باري ٿيندي رهي، ڪنهن کي جوڪر، ته ڪنهن کي رنوير جي نقل ڪندڙ جا آواز ٻڌڻا پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو