ڪراچي صدر جي وڪٽوريا مارڪيٽ کي باهه لڳي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ زينب مارڪيٽ لڳ صدر جي وڪٽوريا شاپنگ سينٽر کي به اوچتو باهه وڪوڙي وئي، فائر برگيڊ عملو باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آھن. اختيارين جو چوڻ آهي ته وڪٽوريا شاپنگ سينٽر جي پنجين فلور تي اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، گودامن ۾ ڪپڙي سوڌو ٻيو سامان هجڻ سبب باهه وسائڻ ۾ ڏکيائيون اچن پيون. وڪٽوريا شاپنگ سينٽر کي باهه لڳڻ بعد زينب مارڪيٽ ۽ انٽرنيشنل مارڪيٽ سوڌو آسپاس جا دڪان بند، وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي ۽ ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور باهه تي ڪنٽرول جي هدايت ڪري ڇڏي آھي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته ڪوآپريٽو ۽ وڪٽوريا مارڪيٽ کي باهه لڳڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن، مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ڪي ايم سي جون فائربرگيڊ جون گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو