ڪراچي جي نئين ڪور ڪمانڊر چارج سنڀالي ورتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد ڪور ڪمانڊر ڪراچي طور پنهنجيون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم ڪراچي ڪور جي ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد جي حوالي ڪئي. ڪمانڊ جي تبديلي جي تقريب ڪور هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ ٿي. ياد رهي ته ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ هو 20 نومبر کان ڊي جي آءِ ايس آءِ طور ذميواريون سنڀاليندو.

پهنجو تبصرو موڪليو