ڪابل ۾ خود ڪش حملو 6 فوت ڪيترائي زخمي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي پرڏيهي کاتي لڳ خودڪش ڌماڪي ۾ 6 شهري مارجي ويا ۽ ڪيترائي ٻيا زخمي ٿيا آهن. طالبان حڪومت جي ترجمان نافع ٽڪور چيو ته افغان فورسز مشڪوڪ شخص کي سڃاڻي ورتو ۽ جڏهن کيس گولي هنئي وئي ته ان جي جسم ۾ لڳل بارود ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. ڪابل جي پرڏيهي کاتي لڳ ٽن مهينن کان به گهٽ عرصي ۾ هي ٻيو دهشتگردي جو واقعو آهي. 11 جنوري تي خود ڪش بمبار ڌماڪو ڪيو هو جنهن ۾ 10 فوت ۽ 53 زخمي ٿيا هئا. رمضان جي مقدس مهيني ۾ ٿيل پهرين ڌماڪي جي اڃا ڪنهن ذميواري قبول ناهي ڪئي پر اسلامڪ اسٽيٽ يعني داعش طالبان خلاف هڪ مضبوط گروهه سمجهو وڃي ٿو جيڪو طالبان حڪومت خلف پرتشدد ڪارواين ۾ ملوث آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو