کنڊ جو متبادل ٻوٽو، شگر جي مريضن لاءِ خوشخبري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ اسٽيويا نالي ٻوٽَي جي پوکائي ڪافي مقبول ٿي رهي آهي ۽ ان جي فائدن سبب ماڻهو گهرن ۾ به اهو ٻوٽو پوکي رهيا آهن. هن جا پن، رس يا پائوڊر شگر جي مريضن لاءِ بنا ڪنهن خوف جي کنڊ جي جاءِ تي استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن ٻوٽي جو قد 2 کان 5 فٽ ٿئي ٿو جيڪو چئني موسمن ۾ سدائين سائو رهي ٿو ۽ ڪنهن به وقت پوکي سگهجي ٿو. ڪراچي يونيورسٽي جي فوڊ سائنسز جي پروفيسر ڊاڪٽر غفران سعيد جو چوڻ آهي اسٽيويا نالي جو هڪ ٻوٽو انساني صحت جي لاءِ وڏو فائديمند آهي جنهن جو پائوڊر کنڊ جي جاءِ تي استعمال ٿي سگهي ٿو، اهو پائوڊر عام کنڊ کان ڪيترائي ڀيرا مِٺو هوندو آهي، تنهنڪري ڪمرشلي طور تي ان کي مختلف شين سان گڏ ملائي وڪرو ڪيو ويندو آهي. کنڊ ۾ ڪيميڪل هوندا آهن پر هي قدرتي مٺاس سان ڀرپور آهي. هن جا پن کائڻ سان جسم ۾ بلڊ شگر گهٽجي ٿي. ڊاڪٽر غفران جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن منظم طريقي سان ان جي فصل ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ ان جي پراسيسنگ جي انڊسٽري لڳائي وڃي ته اهو ملڪي معيشت جي لاءِ وڏو فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. هي ٻوٽو ڪنهن به نرسري تان 10 کان 100 روپين ۾ سائيز جي حساب سان خريد ڪري سگهجي ٿو، هي تيزي سان وڌڻ وارو ٻوٽو آهي جنهن جا گل سفيد ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو