کاڻيون کوٽيندڙ مزدورن کي صحت ۽ انشورنس جي سهولت ملندي، شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) توانائي جي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت ھيٺ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ لاکڙا جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي صحت ۽ انشورنس لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ جوبلي انشورنس ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ جي توانائي واري سيڪريٽري ابوبڪر مدني ۽ ڪول مائنز سنڌ جي ايڊيشنل سيڪريٽري خادم حسين چنو پڻ اجلاس ۾ موجود هو. اُن موقعي تي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور ۾ پورهيتن جي ترقي ۽ ڀلائي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي ۽ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏي وزير مراد علي شاهه پورهيتن ۽ کاڻيون کوٽيندڙن مزدورن جي صحت ۽ سلامتي لاءِ قدمن تي گهري نظر رکن ٿا، اُن نظرئي کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار صوبي ۾ موجود ڪوئلي جي کاڻين تي ڪم ڪندڙ کاڻيون کوٽيندڙ پورهيتن سان ڪو به حادثو پيش اچڻ جي صورت ۾ اسپتال ۾ علاج جي مڪمل سهولت ۽ ضروري مالي مدد جي فراهمي لاءِ انشورنس ڪمپني جون خدمتون حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، ته جيئن ضرورت پوڻ تي کاڻيون کوٽيندڙ پورهيتن کي صحت ۽ انشورنس جي سهولت ڏئي سگهجي ۽ ڏکئي وقت ۾ کاڻيون کوٽيندڙ کي بھتر علاج معالج ۽ مالي امداد ڏئي سگهجي. انشورنس ڪمپني جي نمائندن کاڻيون کوٽيندڙن کي انشورنس جي سهولتن جي فراهمي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون جنهن تي توانائي واري صوبائي وزير هدايتون جاري ڪيون ته انشورنس ڪمپني جلد اُن بابت هڪ مڪمل پروگرام پيش ڪري جنهن تي جلد کان جلد عملدرآمد شروع ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو