ڏکڻ آفريڪا جي دوري بابت پاڪستاني ٽيم جو شيڊول جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڏکڻ آفريڪا جي دوري جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪندي جتي 2 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏيون وينديون.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڏکڻ آفريڪا جو هي ستين ٽيسٽ دورو هوندو. قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال آسٽريليا جي دوري ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.پاڪستاني ٽيم هن سال ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ سان ٽي ملڪي ون ڊي سيريز کيڏندي.ان کان علاوه پاڪستان ساڳئي سال بنگلاديش ۽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز جي ميزباني به ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو