ڏهه ڏهه ڪروڙ ڀري ايندڙ وي سي ڪهڙو انصاف ڪندو،گهانگهرو

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو پاران مبينه قتل ٿيل ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي وارثن سان تعزيت بعد دادو پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪي به ڪاليجن ۾ وي سي اچن ٿا ڏھ ڏھ ڪروڙ ڏئي اچن ٿا پر افسوس اهي وي سي نياڻين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام آهن ڊاڪٽر نوشين جي قتل بعد هاڻي والد چئي ٿو ٻي نياڻي آهي پر ڪنهن به اداري ۾ ڪون موڪليندس سنڌو نواز گهانگهرو وڌيڪ چيو ته اهڙا قتل جا واقعا ٿيندا رهندا ته پوءِ ڪير پنهنجون نياڻيون ادارن ۾ موڪليندو شاگردن کي پريشرائز ڪيو وڃي ٿو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو وي سي انيلا  پاڻ کي ڪالج جو خدا ٿي سمجهي هن عورت کي ڪنهن ڳالھ تي ڌيان ناهي هي قاتل وي سي آهي هن وي سي انيلا اداري کي جيل بڻائي ڇڏيو آهي هن قاتل وي سي کي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ٻاهر ڪڍي انويسٽيگيشن ڪئي وڃي ۽ وي سي کي گرفتار ڪيو وڃي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي خودڪشي ناهي ڪئي جيڪو خط مليو آهي ان ۾ جيڪا لکت هئي ان جا فنگر پرنٽ ڊاڪٽر ڪاظمي جي رائٽنگ سان ميچ نٿا ڪن سنڌو نواز گهانگهرو وڌيڪ چيو ته اسان قتل ٿيل ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي وارثن سان هر وقت گڏ آهيون ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي وارثن کي انصاف نه مليو ته روڊن تي نڪرندا سين آخر ۾ سنڌو نواز گهانگهرو دادو پريس ڪلب جي حوالي سان چيو ته دادو پريس ڪلب ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي مسئلي کي ڀرپور نموني رپورٽينگ ڪئي وئي آهي نوشين جي وارثن جو آواز ايوانن ۾ پهچائڻ ۾ دادو پريس ڪلب جو وڏو ڪردار آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو