ڏاهاڻي بنگلاديش جي دوري ۾ شامل، اسڪواڊ جو اعلان ٿي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان هلندڙ مهيني بنگلاديش ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 19، 20 ۽ 22 نومبر تي کيڏي ويندي. پاڪستان ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ ۾ رڳو هڪ تبديلي ڪئي آهي ۽ قومي ٽي 20 ۾ محمد حفيظ جي جاءِ تي افتخار کي شامل ڪيو ويو آهي. ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ ريزرو رانديگرن جي لسٽ ۾ شامل سرفراز احمد، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ خوشدل شاهه به اسڪواڊ جو حصو آهن. ٽي 20 سيريز کانپوءِ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز به کيڏي ويندي ۽ ان سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 26 کان 30 نومبر تائين چٽگانگ ۽ ٻي ٽيسٽ 4 کان 8 نومبر تائين ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ٽيم انتظاميا کي به برقرار رکيو آهي پر هيڊ ڪوچ ميٿيو هيڊن مصروفيت سبب ٽيم سان گڏ نه هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو