ڍينگو شاخ جي آبادگارن جو آبپاشي عملي خلاف احتجاج

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) ڍينگو شاخ جي آبادگارن جو ايريگيشن عملي خلاف احتجاجي مظاهرو۔ امتياز چانڊيو ۔ذوالفقار چانڊيو عبدالرزاق چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ايريگيشن عملو منڊ جي آبادگارن سان ملي ڀڳت ڪري هٿ سان وجهيون هڻي واٽر ٽوڙائي پاڻي چوري ڪرائي رهيو آهي هن چيو ته منڊ جا آبادگار ريلوي جا سليپر چوري ڪري شاخ کي رڪاوٽون لڳا ئي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن هنن چيو ته شاخ تي ايريگيشن جي قانون جي ڪابه شي نظر نٿي اچي ۔پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب اسان جي ڪڻڪ جو فصل متاثرٿي رهيو آهي ۔هنن ٻڌايو ته پاڻي نه هجڻ ڪري لکين روپين نقصان ٿيو آهي هنن ايريگيشن عملي سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته پاڻي چور ايريگيشن عملي خلاف ڪاروائي ڪري پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي فراهم ڪيو وڃي۔نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔۔

پهنجو تبصرو موڪليو