ڌيءَ جي شادي جو خرچ برداشت ڪرڻ پيءُ جي ذميواري آهي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور )ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ڌيءُ جي شادي جو خرچ برداشت ڪرڻ پيءُ جي ذميواري آهي ۽ اهو خرچ ماءُ تي وجهڻ قانون جي اصولن جي خلاف آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس چوڌري اقبال شهري رياض جي اڳوڻي گهرواري ۽ ڌيءَ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ماتحت عدالتن جي فيصلي خلاف ڇوڪري جي پيءُ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس چوڌري اقبال چيو ته ڌيءَ جي شادي ٿيڻ تائين پيءُ ان جو سرپرست هوندو آهي.عدالت چيو ته رياض جو پنهنجي ڌيءَ کي پئسا ڏيڻ بدران عدالت ۾ اچڻ سندس بيوقوفي کي ظاهر ڪري ٿي، رياض پنهنجي ٻي زال جي 5 نياڻين جو سمورو خرچ برداشت ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري رياض جو هن ڌيءَ کي پئسا ڏيڻ کان انڪار ڇوڪرين ۾ تعصب آهي، ٻين لفظن ۾. شهري رياض ڌيءَ کي اڳوڻي زال سان گڏ رهڻ جي سزا ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو