ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن ڪنداسين، سندن خاتمي تائين سک سان نه ويهبو،آءِ جي

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) ڪچي ۾ رھندڙ ڏوھارين خلاف گرينڊ آپريش لا۽ جامع رٿابندي ڪئي پئي وڃي، جلد ڀرپور آپريشن شروع ٿيندو. اهڙو اظهار سنڌ جي پوليس سربراه ڪليم امام ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ آفس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته اڄ ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن ڊويزنن لاڙڪاڻي ۽ سکر جي آفيسرن سان گڏڄاڻي ڪري مشاورت ڪئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته فضائي آپرشن لاءِ به پلان جوڙيو پيو وڃي انشاالله عوام کي جلد خوشخبري ڏني ويندي ۽ ڏوھارين جي خاتمو ڪري سک جو ساھ کڻنداسون. آءِ جي سنڌ پاران پوليس جي جوانن جون پڻ شڪايتون ٻڌيون ويون. اھم گڏڄاڻي ۾ اي آءِ جي ڊاڪٽرجميل احمد، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ۽ ٻياپڻ موجود ھئا. ان کان اڳ هن بند ڪمري ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ، ايس ايس پي شڪارپور ۽ ايس ايس پي سکر بريفنگ ڏني. آءِ جي سنڌ ڪجهه ڏينهن اڳ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيل ڊي ايس پي جي پونئرن سان سکر ۾ عذر خواهي ڪئي هئي ۽ علائقي جو دوروبه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو