ڊينگي وائرس کان بچاءٌ جا طور طريقا ڪهڙا آهن؟

تحرير: اعجاز تيوڻو

پاڪستان ۾ ٻين بيمارين سميت ڊينگي پڻ ڪر کنيو آھي جيڪو گذريل ڪجھ سالن اندر تيزي سان وڌي رھيو آھي جيڪا هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالھ آهي ڊينگي ھڪ خطرناڪ بيماري آھي جيڪا مڇر جي چڪ پائڻ سان ٿئي ٿي ڊينگي وائرس وائرسن جي فليوي ويريڊي خاندان جو ميمبر آھي جنهن جي جنس فليوي وائرس آھي ھي تمام ننڍڙي ھڪ پٽي تي مشتمل آر اين اي سان ملي ٺھي ٿو انسانن ۾ ھي وائرس مڇرن ذريعي ڦھيلجي ٿو ھي حمل وارين عورتن جي ڊيليوري وقت يا حمل جي دوران ماءُ مان ٻار ۾ پڻ ڦھيلجي سگھي ٿو ھي ڊينگي وائرس ھر عمر جي فردن کي ٿي سگھي ٿو جيڪي خاص قسم جي مڇر جو شڪار ٿين ٿا هي مڇر عام مڇر وانگر 24 ڪلاڪ ناهي هوندو پر صبح سج اڀرڻ وقت ۽ شام جو سج لهڻ وقت ظاهر ٿيندو آهي ھي وائرس متاثرہ مادي مڇر جي چڪ ھڻڻ سان انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو وائرس جو رت ۾ شامل ٿيڻ ۽ علامتون ظاھر ٿيڻ تائين جو وقت 3 کان 14 ڏينھن جڏھن ته بيماري جو وقت 3 کان 7 ڏينھن آھي جڏهن ته هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڊينگي بخار جو مرض  2006ع ۾ آيو آهي ۽ هرسال هزارين ماڻهو هن ڊينگي مڇر جو شڪار ٿي اسپتالن تائين پهچن ٿا جن مان ڪيترائي پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي ٿا ويهن ڊينگي بخار ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻهو کي پهرين شديد مٿي ۾ سور،ھڏن، جوڙن ۽ پٺن ۾ شديد سور، اکين جي پويان گھڻو سور،جسم ۾ ريشم ۽ مختلف شڪل ۽ سائيز جا نشان ظاھر ٿيڻ،نڪ ۽ مسوڙن مان رت اچڻ،پيشاب ۾ رت اچڻ سميت ٻيون علامتون شامل آھن ڊينگي جي تشخيص گھڻو ڪري جسماني معائني ۽ علامتن کي نظر ۾ رکندي ڪلينڪس ۾ ڪئي وڃي ٿي پر سي بي سي جي رپورٽ پڻ تشخيص ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي ۽ ان ۾ رت کي ڄمائڻ وارا خليا ۽ پليٽس جي تعداد خاص ڪري گھٽ ھوندو آھي ڊينگي لاءِ نارنيڪويٽ ٽيسٽ سان بلڊ پريشر ماپڻ وارو آلو ٻانھن تي ٻڌي ان ۾ ھوا ڀري ٻانھن تي ٿيندڙ نيلگو نشان ڳڻيا ويندا آھن ۽ جيڪڏھن ھي ھڪ انچ ۾ 10 کان 20 ھجن ته ڊينگي جي تشخيص جا امڪان وڌي وڃن ٿا علامتي علاج ۾ او آر ايس پيارڻ ۽ رت جي شديد کوٽ جي صورت ۾ رت لڳائڻ ضروري آهي ڊينگي جو شڪار اڪثر ماڻهو بلڪل تندرست ٿي ويندا آھن جڏھن ته موت جي شرح 1.5 سيڪڙو آھي جيڪا مڪمل علاج ڪري 1 سيڪڙو کان به گھٽ رھي ٿي جيڪڏھن بلڊ پريشر ڪافي گھٽ ٿي وڃي ته موت جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌي 26 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي ڊينگي کان بچاءُ جو واحد حل احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ آھي جئين پوري ٻانھن وارا ڪپڙا پائڻ گھرجن،  گھر ۾ صاف پاڻي کي ڍڪي رکڻ، گلن جي ڪونڊين پاڙن ۽ بالٽين ۾ پاڻي نه رکڻ،درين ۽ دروازن کي سنھيون ڄاريون لڳائڻ، ٻاھر نڪرڻ کان پھرين مڇرن کان بچاءُ جا لوشن استعمال ڪرڻ آھي جيڪڏھن اوھان جي علائقي ۾ مڇر ڪافي تعداد ۾ موجود آھن ته مڇر داڻين جو استعمال لازمي ڪجي ۽ پنھنجي گھرن ۾ ٿانون، پراڻن ٽائرن،گلدانن يا ٽٽل بوتلن ۽ کڏن ۾ پاڻي بيھڻ ھرگز نه ڏيجي مليريا ، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين جي صورت ۾ جلد کان جلد پنهنجو علاج ڪرائڻ گهرجي سنڌ حڪومت صوبي جي عوام کي ڊينگي کان بچائڻ ۽ ڊينگي جي خاتمي لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺي رھي جنھن لاء سنڌ حڪومت جي صحت کاتي پاران ڊينگي ريسپانس سينٽر قائم ڪري ان کي 24 ڪلاڪ فعال رکيو ويو آھي وڌيڪ معلومات لاءِ فون نمبر 02199216316 تي صبح جو 8 وڳي کان  رات جو 8 وڳي تائين رابطو ڪري سگھجي ٿو انھي لاءِ ٿورو ئي احتياط اسان کي ۽ اسان جي پيارن کي ڊينگي کان محفوظ رکي سگھي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو