ڊيرن سيمي کي اعزازي شهريت ۽ اعليٰ سول اعزاز ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ انٽر نيشنل ڪرڪٽ جي واپسي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي ويسٽ انڊين اسٽار ڊيرن سيمي کي اعزازي پاڪستاني شهريت سان گڏ اعليٰ ترين سول اعزاز نشان پاڪستان به ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن ٻڌايو آهي ته 23 مارچ تي کيس شهريت ۽ اعزاز سان صدر مملڪت عارف علوي نوازيندو.

ڊيرن سيمي 2017 ۾ پهرين پي ايس ايل ۾ شريڪ ٿيو ۽ مسلسل پي ايس ايل جو حصو آهي. هن انٽرنيشنل پليئرز کي به همٿايو ته پاڪستان ڪرڪٽ لاءِ سازگار ملڪ آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي اهڙو مطالبو به ڪيو هو. جاويد آفريدي پاڪستان حڪومت ۽ ڪرڪٽ بورڊ جو شڪريو به ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو