ڊاڪٽر هڙتال ختم ڪن ٻئي صورت ۾ نوڪر ختم، عدالت

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ هڪ مهيني کان سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪندڙ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن جي ميمبر ن کي هڙتال تي نه ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  عدالت چيو ته جيڪو به سرڪاري ڪمن جو بائيڪاٽ ڪندو ان کي ملازمت مان رطرف ڪيو ويندو. بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عبدالله بلوچ تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ خلاف ’واءِ ڊي اي‘ جي قانوني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.  چيف جسٽس ينگ ڊاڪٽرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم باوجود ريلي ڇو ڪڍي وئي؟  واءِ ڊي اي جي نمائندن بينچ کي ٻڌايو ته هڪ ڊاڪٽر کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ريلي ڪڍي وئي هئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا حڪومت ڊاڪٽر کي قتل ڪيو ۽ ڇا توهان ان حوالي سان آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي پوليس وٽ ويا؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس کي اڻڄاتل جوابدارن تائين پهچڻ ۾ وقت لڳندو آهي، سسٽم کي ڪم ڪرڻ ڏيو. عدالت ينگ ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته هو هڙتال نه ڪن ۽ نه ريليون ڪن. چيف جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته جيڪو به ڊاڪٽر مستقبل ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندو برطرف ڪيو ويندو. عدالت چيو ته واءِ ڊي اي کي گهرجي ته پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي پاڻ کان الڳ رکي. ٻڌڻي دوران ينگ ڊاڪٽرن جي مسئلن تي صحت کاتي جي قدمن بابت رپورٽ جمع ڪرائي وئي، جڏهن ته ينگ ڊاڪٽرن به جواب داخل ڪرايو.  جنهن بعد عدالت درخواست جي ايندڙ ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو