ڊاڪٽر عبدالقدير پاران بنيادي حقن تي عمل لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جوهري سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير ملڪ اندر آزادايءَ سان گهمڻ ڦرڻ سميت ان جي بنيادي حقن تي عمل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. ڊاڪٽر عبدالقدير لاهور هاءِ ڪورٽ جي 25 سيپٽمبر 2019 جي ان فيصلي خلاف عدالت عظميٰ ۾ اپيل داخل ڪرائي جنهن ۾ ان جي درخواست کي ان بنياد تي رد ڪيو ويو ته ان جي تحفظ لاءِ رياست طرفان خصوصي سيڪيورٽي جو معاملو ان جي دائري ۾ ناهي. عدالت عظميٰ ۾ ايڊووڪيٽ زبير افضل رانا جي معرفت جمع ڪريل ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي دخواست ۾ چيو ويو آهي ته آزادي سان نقل و حرڪت سميت بنيادي حق، پابندين جي آڙ ۾ ڪنهن جي پسند يا ناپسند تي انساني حقوق ختم نه ٿا ڪري سگهجن. درخواست ۾ سوال ڪيو ويو آهي ته ڇا سرڪاري انتظاميه درخواست گذار کي ان جي ويجهي ۽ عزيز ماڻهن، نوڪرن، گهر جي ڀاتين، دوستن، صحافين، مختلف ڪاليج، يونيورسٽي جي استادن،اعليٰ انتظاميه ۽ بيورو ڪريٽس سان ملڻ کان روڪڻ لاءِ آئيني تحفظ جي خلاف ورزي جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي.؟ ڄاڻايل درخواست ۾ اهو به پڇيو ويو آهي ته ڇا لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان ان شڪايت جي ازالي لاءِ درخواست گذار کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو بنيادي مشورو ڏيڻ جو جواز صحيح هيو. ياد رهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستان جي جوهري پروگرام جو علمبردار آهي ۽ انهيءَ ماڻهوءَ جي اڻٿڪ محنت جي ڪري اسان جو ملڪ ايٽمي طاقت بڻجڻ ۾ ڪامياب ويو. درخواست گذار جو چوڻ هو ته پاڪستان جي پڙوسي ۽ مخالف دشمن ملڪن کان محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجي ڪيل ڪم تي فخر آهي. ڊاڪٽر عبدالقدير خان چيو ته جڏهن کان هو پاڪستان آيو هيو هن جوهري منصوبي تي ڪم شروع ڪيو هو جڏهن ته پنهنجي حيثيت مطابق ذاتي سيڪيورٽي کان لطف اندوز به ٿيو پر هاڻي صورتحال اها آهي جو سيڪيورٽي ايجنسين جا اهلڪار گهر جي دروازي تي بيهي رهن ٿا ۽ ڪنهن کي به مون سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي. درخواست مطابق ڊاڪٽر عبدالقدير کي سيڪيورٽي انتظاميه جي اڳواٽ منظوري کان بغير ملڪ ۾ پنهنجي ارد گرد وڃڻ، ڪنهن سماجي يا تعليمي تنظيم ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت ناهي اهڙي صورتحال درخواست گذار کي ورچوئل قيد ۾ رکڻ جي برابر آهي. ڊاڪٽر عبدالقدير خان چيو ته سيڪيورٽي انتظاميه جو اهو فعل غير قانوني آهي ڇاڪاڻ هن مهل تائين مون سان اهڙو سلوڪ رکڻ جو ڪو به حڪم ناهي ڏنو ويو. مون کي پنهنجي گهر تائين محدود رکيو ويو آهي ڄڻ ته مان قيد تنهائي ۾ آهيان. ايٽمي سائنسدان جو چوڻ هو ته اها صورتحال جنوري 2004 ۾ شروع ٿي جڏهن ان کي سلامتي جي نالي تي نظربند ڪيو ويو. هن چيو ته مون کي ڪنهن به دوست سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي ايتري قدر جو ڪجهه گهرن جي فاصلي تي رهندڙ منهنجي نياڻي ۽ ان جي ٻارڙن سان به نه ٿو ملڻ ڏنو وڃي. جڏهن ته خراب صورتحال اهڙي هئي جو مون کي عدالت تائين پهچڻ به نه پيو ڏنو وڃي. ڊاڪٽر عبدالقدير خان چيو ته 2008 ۾حڪومت تبديل ٿيڻ کان پوءِ ان پابندين ۾ ڪجهه نرمي آئي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 25 سيپٽمبر تي لاهور هاءِ ڪورٽ ان جي درخواست کي سپريم ڪورٽ جي مقرر ڪيل قانون مطابق نه هجڻ تي اڪلائي ڇڏيو. ايٽمي سائنسدان چيو ته ملڪ لاءِ ان جي خدمتن کي ڪيترائي ڀيرا تسليم ڪيو ويو ان کي مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو ليڪن ان سان جيڪو سلوڪ ٿي رهيو آهي اهو آئين جي آرٽيڪل 14 ۾ موجود ناقابل تسخير آئيني وقار جي خلاف ورزي آهي. درخواست مطابق اهو ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو بنيادي حق آهي ته هو سڄي ملڪ ۾ آزاد گهمڻ ڦرڻ سان گڏ ڪنهن به ماڻهوءَ سان ملي. ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو چوڻ هو ته ان کي مسلسل خوف ۾ رکيو پيو وڃي جنهن سان ان کي جسماني نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، هو 84 سالن جو پيرسن شخص آهي ۽ مختلف بيمارين جو شڪار آهي تنهن ڪري ان کي مستقل طور اهڙين حالتن ۾ نه ٿو رکي سگهجي ڇاڪاڻ ته ان سان ڪنهن جسماني نقصان جو خدشو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو