چين ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا سڙي فوت

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي اتر اولهه واري علائقي سنڪيانگ ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا.پرڏيهي خابرو اداري موجب انتظاميا جو چوڻ آهي ته خميس ڏينهن هڪ بلند عمارت ۾ باهه لڳي وئي.ميڊيا رپورٽن موجب باهه لڳڻ سبب 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته 10 ڄڻا ايمرجنسي باوجود حياتيون وڃائي ويٺا.ٻئي طرف انتظاميا پاران باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.واضح رهي ته گذريل هفتي وچ چين جي شهر اينيانگ ۾ هڪ ڪارخاني ۾ خطرناڪ باهه لڳي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 38 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو