چين ڏانهن پاڪستاني ايڪسپورٽ ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ چين جي سفير نانگ رونگ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جو ٻطرفو واپار وڌي رهيو آهي ۽ پاڪستان مان ايڪسپورٽ جو مقدار به وڌيو آهي. هن ٻڌايو ته 2021ع ۾ جنوري ۽ سيپٽمبر جي وچ ۾ زرعي واپار جو ڪل 860 ملين ڊالر هو، چين ڏانهن پاڪستان جي برآمدات 630 ملين ڊالرن تائين پهتي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻه ڀيرا وڌيڪ آهي، جڏهن ته اڪيلي انبن جي برآمدات 630 ملين ڊالرن تائين پهتي.هن سال 37.4 ٽن انب پاڪستان ايڪسپورٽ ڪيا جيڪو گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي مقابلي ۾ 10 ڀيرا وڌيڪ آهي.  هن چيو ته چين ۾ پاڪستاني شين جهڙوڪ فٽ بال ۽ غسل جا ٽوال جي لاءِ هڪ امڪاني منڊي آهي، جيڪا چيني صارفين طرفان پسند ڪئي ويندي، پر مارڪيٽنگ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي. جڏهن ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، هن چيو ته مغربي ميڊيا پاڪستان ۾ چيني منصوبن جي خلاف غلط معلومات فراهم پئي ڪري. تازو  ڪجهه مغربي ميڊيا جي رپورٽن ۾ چيو ويو ته ”گوادر بندرگاهه ۾ چيني ٽرالرز کي مڇي مارڻ جا حد کان وڌيڪ حق جاري ڪرڻ خلاف احتجاج شروع ٿي ويو“ ، چين جي پرڏيهي وزارت گذريل مهيني چيو هو ته اهڙيون خبرون جعلي خبرون آهن ، گوادر بندر گاهه ۾ ڪو به چيني ٽرالر مڇي نه پيو ماري.

پهنجو تبصرو موڪليو