چيف جسٽس طرفان 2 سرڪاري گاڏيون واپس

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ 2 قيمتي سرڪاري گاڏيون واپس ڪري ڇڏيون.ٻئي سرڪاري گاڏيون چيف جسٽس آف پاڪستان جي استعمال لاءِ مختص آهن.سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پنجاب جي ڪابينا سيڪريٽريٽ ۽ چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته چيف جسٽس کي خبر آئي آهي ته سپريم ڪورٽ سيپٽمبر 2020ع ۾ چيف جسٽس لاءِ 6 ڪروڙ 10 لک رپين جي لگزري ڪار خريد ڪئي. رجسٽرار سپريم ڪورٽ جي خط موجب پنجاب حڪومت چيف جسٽس لاءِ نئين بلٽ پروف لگژري ڪار پڻ فراهم ڪئي آهي، ٻئي گاڏيون سپريم ڪورٽ جي ريسٽ هائوس جي او آر لاهور ۾ پارڪ ڪيون ويون آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته ضابطن موجب چيف جسٽس ۽ هر جج کي ٻه گاڏيون ڏنيون ويون آهن پر چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهي لگزري گاڏيون استعمال نه ڪري رهيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته آئيني ۽ سرڪاري آفيسرن پاران استعمال ٿيندڙ مهانگيون امپورٽ گاڏيون قومي ناڻي تي غير ضروري بار آهن، چيف جسٽس هدايت ڪئي ته ٻنهي گاڏين کي وڪرو ڪري آمدني پبلڪ ٽرانسپورٽ تي خرچ ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو